اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ي ايف يو لائيف انشورنس لميٽيڊ کي هدايت ڪئ?? آهي ته اها هڪ غريب عورت کي منافعي سان گڏ هڪ لک ر??يا 30 ڏينهن جي اندر واپس ڪري جنهن کي انشورنس پاليسي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گمراهه ڪيو ويو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته انشورنس آرڊيننس 2000ع تحت محتسب کي انشورنس پاليسي هولڊرز جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي. ڪمپني پاران جمع ڪيل رقم ئي واپس نه ڪرڻ آرڊيننس جي روح جي سراسر خلاف ورزي آهي. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ زبيده بيگم ”ڪميٽي“ وجهي هڪ لک ر??يا حاصل ڪيا هئا ۽ هُن پنهنجي رقم پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ ٿي چاهي، عورت کي غلط طور تي 1 لک ساليانو ??ري??يم جي انشورنس پاليسي جاري ڪئ?? وئي. عورت جي رقم واپسي جي مطالبي تي ڪمپني رڳو 40 هزار واپس ڪرڻ جي رضامندي ظاهر ڪئ??، ناانصافي تي عورت وفاقي انشورنس محتسب سان رابطو ڪيو پر شڪايت حل نه ٿي. بعد ۾ عورت محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست ڪئ??. صدر ذاتي طور تي ڪيس ٻڌڻ ۽ رڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ متاثره عورت جي حق ۾ فيصلو ڏنو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته عورت گهٽ ۾ گهٽ اصل رقم جي واپسي جي حقدار آهي ۽ اهو ته عورت جي دعويٰ منصفاڻي آهي. صدر چيو ته هڪ غريب عورت کي غلط طور تي پاليسي وڪرو ڪئ?? وئي، عورت ڪڏهن به پاليسي خريد ڪرڻ جي چونڊ ئي نه ڪئ??. صدر ??ي ايف يو لائيف انشورنس کي عورت کي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عورت کي بئنڪ ۾ دوکبيازي سان انشورنس پاليسي وڪرو ڪئ?? وئي، انشورنس ڪمپني عورت کي هڪ لک ر??يا منافعي سان گڏ ادا ڪري. هن چيو ته ڪمپني 2020ع کان عورت جا هڪ لک ر??يا رکيا آهن، ڪمپني عورت جي رقم جي سيڙپڪاري ڪري ڪافي منافعو پڻ ڪمايو هوندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورت کي ان جي رقم تي حاصل ٿيل منافعي جي حصي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي، ڪمپني پاران جمع ڪيل ??ري??يم جي رقم جي واپسي کان انڪار بدانتظامي آهي. صدر چيو ته محتسب ڪمپني کي رڳو 40 هزار ر??يا واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئ??، انشورنس محتسب ان حقيقت جو ادراڪ نه ڪيو ته ڪمپني کي اڃا 60 هزار ر??يا ادا ڪرڻا آهن. هن چيو ته انشورنس آرڊيننس 2000ع تحت محتسب کي انشورنس پاليسي هولڊرز جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي، ڪمپني پاران جمع ڪيل رقم ئي واپس نه ڪرڻ آرڊيننس جي روح جي سراسر خلاف ورزي آهي، انشورنس محتسب آرڊيننس جي روح تي عملدرآمد ڪرڻ۾ ناڪام رهيو. صدر چيو ته ڪو به شخص ٻين جي ڏڍ تي پاڻ کي غيرمنصفاڻي طور ت?? امير نٿو ڪري سگهي، عورت کي ان جي رقم تي حاصل ٿيل منافعي جي حصي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ هدايت ڪئ?? ته زبيده بيگم کي 30 ڏينهن جي اندر منافعي سان گڏ هڪ لک ر??يا واپس ڪيا وڃن.