اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊيره اسماعيل خان ۾ 12 ڊسمبر جي دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن س??ن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن س??ن همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوالدار عمران خان، محمد جميل، محمد شهاب، فضل س??حان، دائود شاهه ۽ رياست خان جي وارثن س??ن تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نائيڪ مختيار علي، لانس نائيڪ محمد اسحاق، محمد حيات ۽ صغير احمد جي گهرڀاتين س??ن ٽيليفون تي رابطو ڪيو. هن سپاهي رحمان شاهه، غلام مرتضيٰ، محمد فياض ۽ امير حسين کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي عدنان، محمد نصير، وقار الله خان، ولي خان، ذوالفقار ۽ نبيل اختر کي ملڪ جي لاءِ شهادت ماڻڻ تي سلام پيش ڪيو. صدر دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي، شهيدن جي خاندانن س??ن همدردي جو اظهار ڪيو. هن قوم پاران شهيدن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ انهن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.