دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي لا??ِ قائم ڪيل پاڪستان پويلين جو دورو ڪيو. نگران وزيراعظم کي لا?? ا??نڊ ڊيميج فنڊ جي لا??ِ ڳالهين ۽ سهولتڪاري جي حوالي سان پاڪستان پاران ٿيندڙ ڪوششن بابت ٻڌايو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان مو??ب نگران وزيراعظم کي ”ليونگ انڊس انيشي ايٽو“ بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي جيڪو سنڌو درياءَ جي قدرتي وهڪري ۽ ماحولياتي لاهن چاڙهن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت جي بحالي جي لا??ِ ڊيزائن ڪ??و ويو آهي. نگران وزيراعظم پويلين ۾ پاڪستاني مو??مياتي ماهرن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ مو??مياتي تبديلي جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان انهن جي ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي معاملن ۽ مو??مياتي تبديلي وارا نگران وفاقي وزير ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.