اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي ترقي ۾ بوهره برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بوهره برادري جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگران وزي??اع??م اهڙن خي??لن جو اظهار دائودي بوهره برادري جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي قيادت ۾ بوهره برادري جي 8 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزي??اع??م جو بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت خصوصي نمائندو مولانا طاهر اشرف پڻ شريڪ هو. نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي پاڪستان ??ي دوري جي آجيان ڪندي بوهره برادري جي پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي تعليمات ۾ ماحولياتي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ صفائي سٿرائي جي موضوعن تي خاص ڌيان کي پڻ ساراهيو. نگران وزي??اع??م چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام بوهره برادري جي پاڪستان جي لاءِ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر مفضل سيف الد??ن کي سندس پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ مليل نشان پاڪستان تي کيس مبارڪباد ڏني. بوهره برادري جي وفد نگران وزي??اع??م کي عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي جي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ هاڃيڪار اثرن کي اجاگر ڪرڻ جي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزي??اع??م ان موقعي تي چيو ته موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان پوري عالم جي انسانيت کي خطرو لاڳو آهي، مذهبي پيشوائن کي پنهنجي تعليمات ۾ ان اهم موضوع تي تسلسل سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. وفد نگران وزي??اع??م جي قيادت ۾ حڪومت جي بين المذاهب هم آهنگي جي قدمن کي پڻ ساراهيو. نگران وزي??اع??م چيو ته پاڪستان ۾ هر مذهب ۽ رنگ ۽ نسل جا ماڻهو موجود آهن ۽ انهن کي برابري جا حق حاصل آهن، بوهره برادري پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ملڪ جي هر شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. نگران وزي??اع??م ان اميد جو اظهار ڪيو ته بوهره برادري اڳتي به پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ائين ئي اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.