اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل ا??فارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ت?? اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي، علائقا??ي اخبارن کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن سردار شوڪت محمود جي قيادت ۾ ربجا جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس اخبارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان ??وق??ي ت?? پرنسپل ا??فارميشن آفيسر وفد کي يقين ڏياريو ته علائقا??ي اخبارن کي درپيش مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيون ۽ اهي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفد ۾ مرتضيٰ ملڪ، آسيه خٽڪ، فياض چوڌري، ملڪ آصف، وقار چوڌري، ارشد يوسفزئي، بلال عظمي ۽ ٻيا شامل هئا.