اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي ??مايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ سا?? آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم کي آزاد ڪشمير جي دوري جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي ??زاد ڪشمير ۾ توانائي، پاڻي ذخيرن، انفراس??رڪ??ر ۽ ٻين شعبن جي پراڻي مسئلن جي حل تي ??زاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي ??مايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي حل تائين پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل رهندو. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري دائود محمد باريچ پڻ موجود هو.