اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گوادر بن??رگ??هه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو هڪ وڏو مرڪز ه??ندو، حڪومت گوادر بن??رگ??هه ۾ صنعتون قائم ڪرڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گوادر جي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي گوادر بن??رگ??هه جي ترقي جي لاءِ اهميت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان گوادر شپنگ ڪليئرن?? ايجنٽس ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ گوادر شپنگ ڪليئرن?? ايجنٽس ايسوسيئيشن جو صدر عبدالرحيم ظفر، سيڪريٽري جنرل حميد بلوچ ۽ فيصل دشتي شامل هئا. ملاقات ۾ وفد نگران وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته گوادر بن??رگ??هه کي مڪمل فعال بڻائڻ جي لاءِ شروعاتي طور تي سرڪاري ڪارگو جو ڪجهه حصو گوادر بن??رگ??هه تان پاڪستان درآمد ڪيو ??ڃي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان هڪ ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعطم چيو ته گوادر بن??رگ??هه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو مرڪز ه??ندو، حڪومت گوادر بن??رگ??هه ۾ صنعتون قائم ڪرڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گوادر جي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي سي پيڪ جي ان اهم بن??رگ??هه جي ترقي جي لاءِ اهميت رکي ٿي. هن چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته گوادر ۾ فشريز جي صنعت کي جدت ڏني وڃي، گوادر ۾ مُهاڻن کي جديد مشينري، ٻيڙين ۾ انجڻ ۽ نيويگيشن اوزارن ۽ عالمي سطح تي لاڳو معيار موج?? مڇيءَ جهلڻ جي طريقيڪار جي لاءِ پيشيواراڻي تربيت ڏني پئي وڃي، گوادر تان فشريز جي شعبي ۾ برآمدات جي وسيع صلاحيت مان ڀرپور فائدو کنيو ??يندو. وفد نگران وزيراعظم کي شپنگ ڪليئرن?? ايجنٽس جي مسئلن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم وفد کي انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل جي خاطري ڪرائي. وفد نگران وزيراعظم کي گوادر ۾ مُهاڻن جي مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو. وفد حڪومت جي مُهاڻن کي روزگار جي فراهمي، پيشيواراڻي تربيت ۽ گوادر جي مجموعي طور تي مسئلن جي حل لاءِ قدمن کي ساراهيو.