سرينگر-26 آڪٽوبر(اي پي پي) ڪنٽرول ??ائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙڪشميري( اڄ ) جمعي جو ڏينهن ڪاري ڏينهن جي طورتي ملهائيندا. جنهن جو مقصد د??يا کي اهو واضع ڪرڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين ??ي سرزمين تي سندن مرضي خلاف ۽ غير قانوني طورتي قبضو ڪيو آهي . ڪشمير ميڊيا سروس مطابق اهو 27 آڪٽوبر 1947 ع جو ڏينهن هو ،جڏه?? ڀارت ننڍي کنڊ جي ورهاست جي فا??مو??ي جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي ۽ڪشميرين جي خواهشن جي ابتڙ سرينگر جي هوائي اڏي تي فوج لاهي غير قانوني طورتي قبضو ڪيو هو . ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڪال ڏني آهي . حريت ڪانفرنس ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ (اڄ ) جمعي ڏينهن تي مڪمل هڙتال جي اپيل به ڪئي وئي آهي .