اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پاڪستان ۾ فن لينڊ جي سفير هن??ري??اٽي وف?? سان گڏ ملاقات ڪئي. وفاقي وز??ر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي ڏي وٺ پاڪستان ۾ موجوده ادارن کي اپ گريڊ ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير ۽ سفير نيشنل اسڪلز يونيورسٽي ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس جي قيام تي اصولي طور تي اتفاق ڪيو جيڪو فن لينڊ جي ٽورڪو ميونسپلٽي جي مد?? سان ڪنسٽرڪشن، آءِ ٽي، ٽيچرز ٽريننگ ۽ انجنيئرنگ اسٽڊيز کان علاوه هوٽل ۽ ريسٽ??ري??ٽ انڊسٽريءَ تي ڌيان ڏيندو. اهڙيءَ طرح فن لينڊ جي ٽورڪو ميونسپلٽي جي سهڪار سان پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ٽوئر ارزم اينڊ هوٽل مئنجمينٽ ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته غير رسمي تعليم جي شعبي ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي، ا??لام آباد پاڪستاني نوجوانن کي فني مهارتون فراهم ڪري رهي آهي جنهن کي موجوده ۽ پرڏيهه ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ خواهشمند پاڪستاني نوجوانن لاءِ اسڪلر لرننگ سينٽر طور تي وڌائي سگهجي ٿو. سف??ر وفاقي وزير کي فن لينڊ ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ جاري تعاون جي باري ۾ ٻُڌايو ته هو پهريان ئي نيوٽيڪ ۽ نسٽ ۾ پيشوراڻي تربيت فراهم ڪري رهيا آهن. سف??ر وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته فن لينڊ جون 2 يونيورسٽيون پهرين ئي انهن ادارن کي فني ۽ انساني مهارت فراهم ڪري رهي آهي. هن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته تقريبن 500 ماڻهو اڳ ئي تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. هن ٻُڌايو ته فن لينڊ جي حڪومت جي مد?? سان نيو ٽيڪ اڳ ئي هوٽل ۽ ريسٽ??ري??ٽ مئنجمينٽ نگرانيءَ هيٺ هڪ سال ڊپلوما ڪورس کي 3 ساله ڪورس تائين وڌائي ڇڏيو آهي.