اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ڊاڪٽر هذال حمود العتيبي تعليم ۽ پيشوراڻي تر??يت واري نگران وفاقي وزير م??د علي سنڌي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن سميت معياري تعليم ??ي هٿي ڏيڻ ۽ انتهاپسنديءَ جي حوصله شڪنيءَ ۾ تعليمي ادارن جي ڪر??ار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ جامعه جي نائب صدر ايڊمنسٽريشن اينڊ فنانس ڊاڪٽر نبي بخش جماڻي پڻ موجود هو. تعليم واري وزير م??اشري جي تعمير ۽ خدمتن ۾ يونيورسٽين جي ڪر??ار کي ساراهيندي يونيورسٽيءَ کي وڌ کان وڌ تعاون جي خاطري ڪر??ئي. هن چيو ته يونيورسٽيون انتهاپسنديءَ کي روڪڻ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته اسلامي يونيورسٽي بهترين پليٽ فارم هئڻ جي ناتي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت تي ڪانفرنس منعقد ڪري. يونيورسٽيءَ جي صدر چيو ته يونيورسٽي ??لد ئي وزارت جي تعاون سان ان ڪانفرنس جو شيڊول بڻائيندي. هن اهو ٻڌايو ته يونيورسٽي ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ ٻي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪندي، جنهن ۾ امام ڪعبه شرڪت ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ليگ آف اسلامڪ يونيورسٽيز جي هڪ ٻي ڪانفرنس تي ڪم پڻ جاري آهي جنهن ۾ رابطه عالم اسلامي ليگ جو سربراهه شرڪت ڪندو. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ شاندار ڀائراڻي تاريخ رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن سعودي عرب جي حڪومت جي ويزن جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي امن ??ي هٿي وٺرائڻ لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. يونيورسٽي ءَجي صدر چيو ته شاگردن جي سهولت لاءِ ڊجيٽلائيزيشن، فاصلاتي تعليم ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان يونيورسٽي جي قدمن کان آگاهه ڪيو. صدر ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو اعليٰ تعليم ۾ بهتريءَ لاءِ وزير جي رهنمائيءَ ۾ وزارت سان تعاون وڌائڻ لاءِ پهرين صف ۾ شامل هوندو. ڊاڪٽر هذال ٻُڌايو ته گذريل 3 سالن ۾ يونيورسٽي درجابندي ۾ بامعنيٰ ترقي ڪئي آهي. يونيورسٽيءَ جي صدر وزير تعليم کي يونيورسٽي جي دؤري جي دعوت ڏني جنهن ??ي هن قبول ڪيو ۽ يونيورسٽيءَ جي جاري اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.