اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن ۽ اسان انهن جي قربانين جا قرضي آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي حوال?? سان قومي يادگار شڪر پڙيان تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??وقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ موجود هو. نگران ??زيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ ش??يدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ??و ۽ هتي دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي حوال?? سان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ موجود آهيان ته اسان ??نهنجي شهيدن کي وساريو نه آهي، اهي الله جي راهه ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪن ٿا، شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن، اسان شهيدن جي قربانين ۽ انهن جي خاندانن جا قرضي آهيون، اهو قرض ادا ڪرڻ ۾ جيڪو ننڍڙو نذرانو اسان ??يش ڪريون ٿا اهو انهن جي ۽ انهن جي پيارن جي تڪريم آهي. هن چيو ته اهو ئي اهو جذبو آ??ي جنهن جو ذڪر علامه اقبال به پنهنجي شعرن جي ذري??ي ڪيو. شهادت هڪ عظيم رتبو آ??ي جنهن جو الله تعاليٰ وٽ تمام وڏو اجر آهي.