اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ جي اڄ ٿيندڙ گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي ويندي، پارليامينٽ جي فورم تان دن??ا کي اسلام ۽ ٻين مذهبن جي احترام جو پيغام ڏنو ويندو، وز??راعظم شهباز شريف به پارليامينٽ کي خطاب ڪندو، قومي احساسن جي ترجماني ڪندي اهڙن افسوسناڪ واقعن کي رو??ڻ جي لاءِ قدمن جو ذڪر ڪندو. جڏهن ته سڀاڻي جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ قرآن تقدس ڏهاڙو ملهايو ويندو. سوئيڊن واقعي تي ملڪ گير احتجاج ۽ ريليون نڪرنديون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وز??راعظم سمورين پارٽين ۽ قوم کي احتجاج ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي آهي. وفاقي وز??ر چيو ته ”آئون مذمت ڪريان ٿو“ مهم به شروع ڪئي وئي آه??، قوم خاص طور تي نوجوان ان ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ قرآن تقدس ڏهاڙي کي هڪ تحريڪ ۾ بدلائين.