باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فر??غ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، سياحت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون ک?? سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظ?? چيو ته صدر الهام عليوف سان ملاقات انتهائي فائديمند رهي جنهن ۾ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو، اسان پنهنجي بهترين لاڳاپن ک?? وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اسان جي گڏيل عزم موجب واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، سياحت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون ک?? وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظ?? چيو ته هو ۽ ان جو وفد پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ آذربائيجان جي ماڻهن جي محبت کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن، باڪو ۾ لهرائيندڙ پاڪستاني جهنڊن جي بهار ڏسڻ وٽان هئي، عوام جي وچ ۾ گڏيل محبت ۽ احترام تي ٻڌل اهو رشتو اسان جي لاڳاپن جي مضبوطي جو عڪ??س آهي. وزيراعظ?? چيو ته هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جي مسلسل حمايت تي آذربائيجان جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ان ک?? ڪاراباخ جي معاملي تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظ?? چيو ته قيادت جي سطح تي گڏيل عزم اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده دور جي گهرجن موجب نئين شڪل ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اسان گڏجي ان ک?? پورو ڪنداسين.