اسلام ??باد – 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال 23 -2022ع دو??ان زرعي شعبي جي اوسر جي شرح 1.55 سيڪڙو رهي آهي، ڪڻڪ جي پيداوار 5.4 سيڪڙو اضافي سان گڏ 27.63 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا گذريل مالي سال دو??ان 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي هئي، مڪئي جي پيداوار ۾ 6.9، ڪمند 2.8 ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پريس ڪا??فر??س ۾ جاري اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ته زراعت جي شعبي جي اوسر جي شرح 1.55 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي سال دو??ان 4.27 سيڪڙو هئي، فصلن جي اوسر جي شرح مجموعي طور تي 2.49 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل مالي سال دو??ان 8.19 سيڪڙو هئي. اهم ۽ وڏن فصلن جي اوسر جي شرح 3.20 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل سال 5.41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. جڏهن ته ٻين فصلن تي اوسر جي شرح 0.23 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي سال دو??ان 11.93 سيڪڙو هئي. اقتصادي سروي موجب ڪڻڪ جي پيداوار 5.4 سيڪڙو اضافي سان 27.63 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل مالي سال دو??ان ڪڻڪ جي پيداوار 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي، مڪئي جي پيداوار 6.9 سيڪڙو اضافي سان 10.183 ملين ٽن رڪارڊ ٿي جيڪا مالي سال دو??ان 9.525 ميٽرڪ ٽن رڪارڊ ٿي، ڪپهه جي پيداوار 41 سيڪڙو گهٽتائي سان 4.91 ملين بيلز (ڳٺڙي) رڪارڊ ٿي. گذريل مالي سال دو??ان چانورن جي پيداوار 9.323 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي. لائيو اسٽاڪ (چوپائي مال) جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذريل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو، ٻيلي کاتي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. گذريل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو. ٻيلي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 4.07 سيڪڙو اضافو ٿيو، ماهيگيري جي شعبي ۾ 1.44 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 0.35 جو اضافو ٿيو هو.