اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب عمران خان کان سوال ڪيو آهي ته جيڪڏهن جنرل باجوه آمريڪا کي توهان جي خلاف ڪيو هو ته پوءِ توهان آمريڪي سازش جي واويلا ڇو ڪئي ۽ سائفر ڇا هو؟ پي ٽي آءِ چيئرمين ع??ران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن باجوه آمريڪا کي عمران خان جي خلاف ڪيو ته پوءِ امپورٽيڊ حڪومت ۽ عالمي سازش ڇا ه??ي؟ جيڪڏهن باجوه ۽ آءِ ايس آءِ ٻڌايو هو ته توهان جا مخالف چور آهن ته پوءِ توهان جا الزام ڇا ه??ا؟ جنرل توهان کي ۽ توهان 22 ڪروڙ عوام کي ٽرڪ جي بتيءَ جي پٺيان لڳائي رکيو هو. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته عمران خان چار سال پنهنجي دماغ سان رڳو ملڪ کي ڦريو باقي سڀ ٻين جي چوڻ تي ڪيو، توهان کي ڪڏهن آءِ ايس آءِ ٻين جي ڪرپشن جو ٻڌايو، ڪڏهن باجوه ٻڌايو توهان جا ثبوت ڪٿي آهن. وفاقي ??زير سوال ڪيو ته ڇا باجوه پنهنجي توسيع جي لاءِ آمريڪا مان لابنگ ڪري رهيو هو ۽ توهان بند ڪمري ۾ ان کي تاحيات ايڪسٽينشن جي آفر ڪري رهيا ه??ا؟ باجوه هزار ڀيرا چيو هجي توهان اسيمبليون ڪنهن جي چوڻ تي ڇو ٽوڙيون؟ هن چيو ته قوم کي چار سال سمجهه ۾ نه آيو ملڪ ۽ عوام کي توهان ڪهڙي طرح، ڪيئن ۽ ڪٿان ڪٿان ڦريو، عوام ۽ ملڪ سان جيڪو ٿيو تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن ملڪ سان اهڙو ظلم ناهي ٿيو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي چار سالن ۾ ر??و پنهنجي گهرواريءَ ۽ ان جي سهيلي فرح گوگي کي نوازيو، چار سال رڳو اٽو، کنڊ، بجلي، گئس مافيا کي نوازيو. هن چيو ته ”ملڪ ۾ مارشل لاء لڳائي ڇڏيو“ جو بيان فارن فنڊڊ فتني جي اصل نيت ۽ مقصد جو ثبوت آهي، توهان سازش ڪري پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن جي توهين ڪئي.