اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايران ۽ رومانيا سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ايران ۽ رومانيا جي سف??رن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. ايران جي عهدو ڇڏيندڙ سف??ر سيد محمد علي حسيني سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپ?? کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ڇو ته ٻئي ڀائر ملڪ تاريخي رابطن ۽ ثقافتي وابستگي سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. هن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي تعاون ۽ واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي ٻين حصن ۾ مسلمانن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت ۾ مسلمان?? کي الڳ ٿلڳ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مسلم دنيا کي مسلمانن جي خلاف ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. صدر ڪشمير مسئلي تي ايراني حڪومت جي حمايت ۽ موقف تي ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايران ۽ س??ودي عرب پاران سفارتي لاڳاپ?? کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ کنيل تاريخي قدم?? کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي اچڻ سان وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام ايندو. ملاقات ۾ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي تعاو?? کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. ايراني سف??ر سيد محمد علي حسيني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، ثقافتي ۽ سياسي تعاون وڌائڻ کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي تعاو?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت ??وجود آهي. هن چيو ته ٻنهي طرفن ڇهه بارڊر مارڪيٽن جي تعمير تي اتفاق ڪيو آهي جن سان ٻطرفي واپار کي فروغ ملندو. هن صدر کي بجلي جي پهچ جي جاري منصوبن کان آگاهه ڪيو جنهن سان بلوچستان جي عوام کي فائدو پهچندو. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاو?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عهدو ڇڏيندڙ سف??ر جي تعاو?? کي ساراهيو. پاڪستان ۾ رومانيا جي سف??ر نڪولائي گويا پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته رومانيا اوڀر يورپ جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان رومانيا سان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپ?? کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن رومانيا جي حڪومت جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس ڏيڻ ۽ ا?? کي جاري رکڻ ۾ پاڪستان جي حمايت تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپ?? کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطح تي باقاعده مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو. سف??ر آگسٽ/ سيپٽمبر 2021ع دوران افغانستان مان رومانيا جي شهرين جي انخلا ۾ پاڪستاني تعاون تي رومانيا جي صدر پاران پاڪستان جا ٿورا مڃيا.