اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي س??ح تي امن قائم ڪرڻ سميت ٻين بنيادي معاملن ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته چين وانگر ٻين ملڪن کي به عوامي ڀلائي ج?? لاءِ مقامي پاليسيز ۽ قدمن کانسواءِ پنهنجي سوچ کي عالمي س??ح تي وسعت ڏيڻ گهرجي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو مقصد خطي ۾ تعاون جي رجحان کي فروغ ڏيڻ آهي ۽ ان ??قصد ج?? لاءِ سمورن ملڪن پاران سيڙپڪاري ٻطرفا فائدا رکندڙ هوندي، پاڪ چين دوستي رڳو حڪومتن جي وچ ۾ نه پر ان جون پاڙون عوام جي دلين ۾ آهن ۽ اهو تعلق خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ج?? لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ايف ايم 98 چائنا ميڊيا گروپ کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته چيني صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ دنيا ۾ چين جي تشخص ۽ انسانن جي مستقبل جي حوالي س??ن جيڪا قيادت فراهم ڪئي آهي اها خاص اهميت رکندڙ آهي. چيني صدر نه ??ڳو ملڪ جي اندر پر سڄي دنيا ۾ هر لمحي بدلجندڙ صورتحال ۽ مختلف ملڪن جي گڏيل لاڳاپن جي حوالي سان ??ڻ نمايان تجربو رکي ٿو. هن چيو ته موجوده زماني ۾ هڪ اهڙي مستقل مزاج سياستدان جي ئي ضرورت آهي جيڪو گڏيل لاڳاپن ۽ دنيا ۾ امن امان جي اهميت کان ??ڪمل طور تي واقف آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته روس يوڪرين تڪرار ۾ چين انتهائي مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي به اها ئي خواهش آهي ته سڄي دنيا ۾ امن قائم ٿئي. هن چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا پاران ??تعارف ڪرايل مختلف منصوبن ۽ نظرين تي عملدرآمد ۾ چيني صدر شي جن پنگ جو ڪردار انتهائي اهم اهي ۽ اسان کي يقين آهي ته گذريل 70 سالن کان جاري پاڪ چين دوستي به ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ انسانيت بدران رڳو پنهنجي مفادن ۽ پنهنجي مستقبل ۾ بهتري جا خواهشمند آهن، جڏهن ته گذريل 2 ڏهاڪن ۾ ڪجهه ملڪن ان ڳالهه جو ادراڪ به ڪيو آهي ته ڪيترن ئي عالمي مسئلن کي حل ڪرڻ ج?? لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي پنهنجا اندروني مسئلا حل ڪرڻ کانسواءِ عالمي سوچ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ان جو هڪ مثال عالمي س??ح تي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جي مقدار ۾ مسلسل اضافو آهي، ??نهن تي عالمي برادري پاران گهربل تعاون ۾ هيستائين تيزي ناهي اچي سگهي. هن چيو ته اهڙن مسئلن جي ڪري پاڪستان شديد ٻوڏ کان ??تاثر ٿيو جڏهن ته عالمي گرمي پرد ۾ اضافي جي حوالي سان ??اڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي پر انک ي نقصان تمام وڌيڪ ٿي رهيو آهي. صدر چيو ته چين عوام جي وڏي انگ کي غربت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ??نهن کانپوءِ دنيا جا ڪيترائي ملڪ چين جي نقش قدم تي هلندي ان ??عاملي ۾ اڳڀرائي ج?? لاءِ تيار آهن. هن چيو ته چين ۾ تعيلم ۽ صحت کي بنيادي اهميت ڏني وئي ۽ پاڪستان به انهن ئي رخن تي هلڻ جو خواهشمند آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چين وانگر ٻين ملڪن کي به عوامي ڀلائي ج?? لاءِ مقامي پاليسيز ۽ قدمن کانسواءِ پنهنجي سوچ کي عالمي س??ح تي وسعت ڏيڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چين عالمي س??ح تي امن قائم ڪرڻ ج?? لاءِ نمايان ڪوششون ڪيون آهن، چيني صدر شي جن پنگ موجب ماضي ۾ ديوار چين جي تعمير جو مقصد به ڪنهن ملڪ تي حملو نه پر رڳو پنهنجي س??زمين جي حفاظت ڪرڻ هو. چين ڪنهن ٻئي ملڪ تي قبضي ڪرڻ بدران سدائين رڳو پنهنجي دفاع ج?? لاءِ قدم کنيا آهن. هن چيو ته دنيا جا ڪجهه ملڪ ڪنهن ٻئي ملڪ سان تعاون عام طور تي رڳو پنهنجي مفاد ج?? لاءِ ڪن ٿا، جڏهن ته چين بيلٽ اينڊ روڊ ۽ سي پيڪ جهڙا منصوبا متعارف ڪرايا جيڪي سمورين ڌرين ج?? لاءِ هڪ جهڙا فائدا رکندڙ آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهڙي سوچ جي پٺيان تمام وڏا نظريا ڪارفرما هوندا آهن، جن جو سهرو چين ڏانهن وڃي ٿو. صدر چيو ته وچ ايشيائي رياستون ۽ افغانستان به واپار ج?? لاءِ سي پيڪ مان ڀرپور فائدو کڻڻ جا خواهشمند آهن، جن جي ڏس ۾ چين پاران افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ج?? لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آهن. افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ کانپوءِ چين ۽ پاڪستان ان جي نئين سر تعمير ۾ ڀرپور حصو وٺندو ۽ وچ ايشيائي رياستن ج?? لاءِ به سي پيڪ تائين پهچ آسان ??ي ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته سي پيڪ تحت غربت جي شرح ۾ گهٽتائي تي به ڪم جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 جي وبا دوران چين کان تمام گهڻو ڪجهه سکندي ان ??وذي بيماري جي خلاف پاڙيسري ملڪ ڀارت سميت ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته چين جي تعاون جي ڪري پاڪستان ۾ ڪوويڊ سان ??وتگين جي شرح به گهٽ رهي. صدر وڌيڪ چيو ته چين پاران صنعتي شعبي ۾ تعاون تحت پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جاري آهي، ??ن جي شروعات گوادر کان ڪئي وئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان جي صدارت دوران ??نهي وزيراعظمن چين جي دوري جي موقعي تي سي پيڪ ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ??ن جا نتيجا ايندڙ وقت ۾ واضح ٿي ويندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عالمي س??ح تي ان ??ظريي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته هي دنيا اسان جي آهي ۽ هن دنيا ۾ ڪيترائي وسيلا لامحدود آهن، عالمي برادري کي وڌيڪ پيداوار ۽ گهٽ استعمال جي رجحان تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ معدني ٻارڻ بدران ??اڻي قابل تجديد توانائي جي استعمال کي ترجيح ڏني پئي وڃي، ??نهن تحت شمسي توانائي کانسواءِ هوا ۽ پاڻي س??ن بجلي پيدا ڪرڻ جي مختلف منصوبن جي تعمير جاري آهي، ??ڏهن ته عالمي س??ح تي هاڻي ڊيم رڳو بجلي پيدا ڪرڻ ج?? لاءِ نه پر پاڻي ذخيرو ڪرڻ ج?? لاءِ پڻ تعمير ڪيا پيا وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته زراعت جي شعبي ۾ تعاون وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن دنيا مان بک جو خاتمو ڪري سگهجي. هن چيو ته مختلف ملڪن پاران عمودي زراعت، گهٽ پاڻي سان ??ڌيڪ پيداوار ۽ جيت مار دوائن جي عدم استعمال جي رجحان ۾ پڻ اڳڀرائي جاري آهي. صدر چيو ته ان شعبي ۾ به چين عالمي س??ح تي تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل تعاون جي ڪري ايندڙ زماني ۾ ڪيتريون ئي شيون وڏي مقدار ۾ دستياب هونديون، جن ۾ بجلي خاص طور تي قابل ذڪر آهي، ڇو ته شمسي پينلز جي صنعت ۾ تيز رفتار ترقي س??ن بجلي جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي جي اميد آهي. صدر چيو ته زرعي شعبي ۾ ترقي س??ن غذائي جنسون به وڏي مقدار ۾ پيدا ڪري سگهجن ٿيون ۽ ان شعبي ۾ به پاڪستان کي چين جو ڀرپور تعاون حاصل آهي. هن چيو ته چين پاران ??اڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ به تعاون فراهم ڪيو پيو وڃي، ??نهن تحت پاڪستان ۾ دستياب افرادي قوت کي تربيت فراهم ڪرڻ کانپوءِ انهن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڀرپور موقعا فراهم ڪيا ويندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته 50 سال اڳ وانگر موجوده وقت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر قوميت جي رجحان ۾ اضافي ۽ عالمي تعاون ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، ??يڪو دنيا ج?? لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عالمي س??ح تي اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ ج?? لاءِ جنگين جو خاتمو ضروري آهي. مختلف ملڪن جي وچ ۾ مسئلا ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته چين ڪشمير جي معاملي تي س??ائين پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي، ??تي ظلم ۽ پريشاني جي ڪري ترقي جو سفر رڪجي چڪو آهي. هن چيو ته ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام پريشان آهي، ڇو ته اتي تعليم بدران ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي. صدر چيو ته تڪرارن جو خاتمو عالمي برادري جي ذميواري آهي، ڇو ته مسئلا حل ٿيندا ته غربت جو خاتمو ممڪن ٿيندو ۽ ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن کي بنيادي حقن سان زندگي گذارڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته عالمي برادري ڪيترائي مسئلا گڏجي به حل ڪيا آهن جن ۾ اوزون جي تهه خاص طور تي قابل ذڪر آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ون بيلٽ ون روڊ جو منصوبو ڪنهن هڪ ملڪ ج?? لاءِ نه ??هي پر اهو عالمي س??ح تي گڏيل فائدن ج?? لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته بي آر ٽي جي قدم کي مشرق بعيد کان ??چ ايشيا ۽ آفريقا تائين وسعت ڏني پئي وڃي جڏهن ته پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن کي به سي پيڪ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. هن چيو ته 10 سال اڳ متعارف ڪرايل بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي علمبردار منصوبي پاڪ چين اقتصادي لنگهه جوم قصد خطي ۾ تعاون جي رجحان کي فروغ ڏيڻ آهي ۽ ان ??قصد ج?? لاءِ سمورن ملڪن پاران سيڙپڪاري ٻطرفا فائدا رکندڙ هوندي. صدر چيو ته پاڪستان جي آبادي 22 ڪروڙ کان ??ڌيڪ آهي، ??يڪا خطي ۽ دنيا جي ترقي ۾ حصو وجهڻ جي خواهشمند آهي. هن چيو ته چين هڪ اعتماد جوڳو دوست آهي ۽ پاڪ چين دوستي جو مثال دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به نظر نه ٿو اچي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن جي اها دوستي رڳو حڪومتن جي وچ ۾ نه پر ان جون پاڙون عوام جي دلين ۾ آهن ۽ اهو تعلق خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ج?? لاءِ وڏو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.