اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته عورت?? کي برابر حقن جي فراهمي ۽ خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي سهولتن تائين انهن جي پهچ وڌائڻ معاشري جي ترقي جي لاءِ اهم آهي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان اڳوڻي سفير نائله چوهاڻ جي پينٽنگ جي نمائش جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ثمينه علوي عورت?? کي برابر موقعا فراهمڪري انه?? کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيئن انه?? کي پنهنجي مڪ??ل صلاحيت?? کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ملي. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ ”آرٽ فرام دي هارٽ“ جي عنوان سان سولو نمائش ۾ عورتن جي جدوجهد جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ثمينه علوي عورتن بابت صحت جي مس??لن بشمول ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ دماغي مرضن بابت بيداري پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ٻڌايو ته ڇاتيءَ جو ڪينسر عورتن ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب آهي. ان کانسواءِ ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي کي مختلف نوعيت جا نفسياتي مسئلا درپيش آهن، جن جي اڪثريت عورتن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته صدر ۽ هو پاڻ سماجي شعبي ۾ خاص طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي، عورتن جي مالي شموليت، خصوصي ماڻهن ۽ دماغي صحت بابت مس??لن ۾ غيرمعمولي ڪم ڪري چڪا آهن. هن چيو ته ايوان صدر پاڪستان ۾ ذهني صحت جي سهولتن تائين په?? کي بهتر بڻائڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ دماغي صحت جي مرضن جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل ڪوشش ڪري سگهجي. هن چيو ته مختلف ڌرين جي مدد سان طبي مشورا فراهم ڪرڻ جي لاءِ دماغي صحت جي هيلپ لائين ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل چيٽ بوٽس جي شروعات ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هڪ سرڪاري اسپتال ۾ اسڪريننگ سينٽر پاران ڪيل تازي تحقيق سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 32 سيڪڙو جواب ڏ??ند??ن ٻڌايو ته ميڊيا جي ذريعي انه?? کي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ اسڪريننگ بابت معلومات حاصل ڪئي. ثمينه علوي عورتن بابت مس??لن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نائله چوهاڻ جي پينٽنگز کي ساراهيندي چيو ته آرٽ، سفارتڪاري جو هڪ موثر ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي اڳوڻي سفير نائله چوهاڻ چيو ته ان جي پينٽنگز سماجي ۽ عورتن جي مس??لن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهن. هن چيو ته عورتن جي حقن جي لاءِ ان جي مضبوط وڪالت جي اعتراف ۾ يونيسڪو ان جي پينٽنگز جي هڪ سولو نمائش جو انعقاد ڪيو، جيڪا 2002ع کان پيرس ۾ ان جي هيڊڪوارٽر ۾ مستقل نمائش جي لاءِ رکي وئي آهي. ڊائريڪٽر جنرل پي اين سي اي ايوب جمالي چيو ته پي اين سي اي ملڪ جي اهم رخ?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪميونٽي جي شرڪت جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. نائله چوهاڻ جي پينٽنگز جي نمائش 9 مارچ تائين کليل رهندي ۽ ان سان ملندڙ رقم عطيو ڪئي ويندي.