اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جو نگران وڏو وزير بڻجڻ تي م??سن نقوي کي م??ارڪباد ڏني آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??يراعظم چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون موجب پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري جو فيصلو ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي ??جيان ڪريون ٿا، اميد آه?? ته شفاف، آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي چونڊن جون سڀئي گهرجون پوريون ٿينديون. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته محسن نقوي آئين جي گهرجن موجب ان ذميواري ۾ سرخرو ٿيندو. هِن چيو ته منهنجي ??عا آه?? ته هو ان آئيني ۽ عوامي فرض ۾ ڪامياب بڻجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ??در طور توهان جي مقرري جي ??جيان ڪريان ٿو. وزيراعظم پنجاب جي نگران وڏي وزير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.