اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) منصوب??بن??ي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي ??زير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته منصوب??بن??ي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ايندڙ هفتي عالمي شراڪتدارن سان ٻوڏ کانپوءِ بحالي، نئين سر تعمير تي ٻڌل (آر ايف ايس 4) جو هڪ جامع فريم ورڪ شيئر ڪندي ته جيئن ان کي باقاعده طور تي ڊونرز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪا ايندڙ سال جنوري ۾ منعقد ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حوالي سان ڊونرز سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوب??بن??ي واري وزارت جي جوائنٽ ??يڪ??يٽري، ميمبر انفرااسٽرڪچر، عالمي شراڪتدارن ۽ سمورن سفارتخانن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي ??زير جو چوڻ هو ته ايندڙ هفتي جامع فريم ورڪ حصيدارن سان شيئر ڪيو ويندو ته جيئن هو ان جو مطالعو ڪري سگهن ۽ انهن جي قيمتي ر??ءِ سان منصوب??بن??ي واري وزارت کي مدد ملندي جنهن کي باقاعده طور تي جنوري ۾ ٿيندڙ ڊونرز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويندو. وفاقي ??زير عالمي شراڪتدارن تي بحالي جي مرحلي ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ تي زور ڀريندي چيو ته ڊونرز ٻوڏ کان فورن پوءِ ريسڪيو ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو جنهن کي پاڪستان قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستان اميد ڪري ٿو ته هي سلسلو ايندڙ مرحلي ۾ جاري رهندو. اجلاس ۾ منصوب??بن??ي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي آر ايف ايس 4 جي اهميت تي روشني وڌي، جن 17 شعبن خاص طور تي انفرا اسٽرڪچر، تعليم ۽ صحت تي عملدرآمد لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي ۽ جن کي موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويو. وڌيڪ اقتصادي معاملن واري ??يڪ??يٽري شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ٻوڏ کانپوءِ سندن وزارت پڻ ان عمل ۾ شريڪ آهي ۽ اڄ ڊونرز سان هڪ اهم اجلاس ٿيندو . ان موقعي تي ڊونرز حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ آئنده ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي خاطري پ?? ڪرائي.