لاهور – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊيزائن لاهور جو دورو ڪيو. صدر کي اداري ۾ تعليمي ??رگرمين، ڪارڪردگي ۽ مختلف شعبن ۾ تعيلمي ??هولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. دوري دوران خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ صدر سان گڏ هئي. دوري جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ورچ??ئل ۽ آن لائين پليٽ فارمز جي مدد سان پاڪستاني آرٽس، فيشن، ڊيزائن ۽ ٽيڪسٽائيل مص??وعات کي عالمي ??طح تي سڃاڻپ ۽ پذيرائي ڏياري سگهجي ٿي. هن چيو ته يونيورسٽيون فارغ ٿيندڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين ۽ ورچ??ئل تعليم تي ڌيان ڏين جنهن سان شاگردن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ معاشري جو فعال شخص بڻائڻ جي لاءِ شارٽ ڪورسز جي مدد وٺي سگهجي ٿي. صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مختصر مدي وارن ڪورسز ذريعي تعليم ڏني پئي وڃي، دنيا ۾ مختلف شعبن ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري هولڊرز ۽ سرٽيفڪيٽ هولڊر افرادي قوت کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته يونيورسٽيون شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آئوٽ آف باڪس سوچين ۽ جدت تي ٻڌل طريقا اختيار ڪن، ترقي يافته ملڪن جي يونيورسٽين ۾ وڏي پئماني تي آن لائين تعليم ڏني پئي وڃي، آن لائين تعليم جي مدد سان خرچن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، گهٽ وقت ۾ وڌيڪ شاگردن کي هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته يونيورسٽيون ورچ??ئل ۽ آن لائين پليٽ فارمز تي پنهنجي موجودگي ۾ اضافو ڪن. صدر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊيزائن جي دوري دوران مختلف فيشن مص??وعات جي نمائش جو جائزو پڻ ورتو. هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊيزائن جي انڊسٽري، عالمي يونيورسٽين ۽ ادارن سان رابطي کي پڻ ساراهيو.