اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پهرين نومبر کان چين جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري سميت اعليٰ سطحي وفد به ساڻس گڏ هوندو. وز??راعظم کي ان دوري جي دعوت عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وز??راعظم لي ڪي چيانگ ڏني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن سال اپ??يل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وز??راعظم محمد شهباز شريف جو چين جو پهريون دورو هوندو، وز??راعظم 16 سيپٽمبر 2022ع تي ازبڪستان ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي هئي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخي 20 هي?? نيشنل ڪانگريس جي اجلاس کانپوءِ وز??راعظم چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. بيان موجب وز??راعظم جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ قيادت جي سطح جي مٽاسٽا جي تسلسل جو اظهار آهي. وز??راعظم دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وز??راعظم لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وز??راعظم محمد شهباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺنديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان دوري ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن / معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي جڏهن ته وڏي پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۽ سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 27 آڪٽوبر تي ٿيندڙ 11 هين اجلاس جي ڏس ۾ سي پيڪ تعاون جي رفتار کي مستحڪم ڪرڻ جي پڻ اميد آهي.