اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي( منصوبابندي، ترقي، سڌارن واري وفاقي وزير ۽ اي?? اي?? آر سي سي جي ڊپٽي چيئرمين احسن اقبال جي صدارت ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اي??ڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ اه?? اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اي?? اي?? آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال، اي?? ڊي اي?? اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ريلوي واري وزارت، موصلات واري وزارت، چيف سيڪريٽريز ۽ هيلٿ سيڪريٽريز به موجود هئا. فورم کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رستن ۽ ريلوي لائينن جي مرمت ۽ بحالي جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اي?? ايڇ اي ??ي چيئرمين فورم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته انڊس هاءِ وي جي وڏي حصي ۾ پاڻي لهي چڪو آهي، اي?? فائيو تي 66 ڪلوميٽر حصي جي تعمير ۽ مرمت ۾ چين مدد ڪري رهيو آهي، اي?? 5 جي باقي متاثر حصن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ اي ڊي پي سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، هن ٻڌايو ته سکر کان حيدرآباد موٽر وي لاءِ زمين حاصل ڪئي وئي آهي، ريلوي واري وزارت طرفان فورم کي ٻڌايو ويو ته اي?? اي?? ون تي فريٽ ۽ مسافر ٽرينون مڪمل بحال ٿي ويون آهن، جيڪب سبي سيڪشن تي اڃان به ڪجهه پاڻي موجود آهي، ڪوئيٽا تفتان تي 104 پل??ن جي مرمت ڪئي وئي آهي، اي?? اي?? ٽو تي صرف ٻن پل??ن جي مرمت رهجي وئي آهي، فورم رستن ۽ ريلوي لائينن جي بحالي لاءِ هن وقت تائين کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فورم کي صوبائي عملدارن صحت جي شعبي ۾ ٻوڏ کانپوءِ وبائي مرضن تي ضابطو آڻن جي حوالي سان قدمن کان آگاهه ڪيو، سنڌ جي صحت واري سيڪريٽري فورم کي ٻڌايو ته اسان وٽ صحت جي شعبي ۾ اي??رجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي گهربل صلاحيت موجود آهي، ٽيلي ميڊيسن جي شعبي ۾ به ڪم ڪري رهيا آهيون، 2500 نوان ڊاڪٽر ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪري رهيا آهيون، اي??دڙ 15 ڏينهن ۾ ڀرتي جو عمل مڪمل ٿي ويندو. بلوچستان جي صحت کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ 1120 ليڊي هيلٿ ورڪرز جا گهر ٻوڏ سبب تباهه ٿيا آهن، فورم هدايت ڏني ته ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ صحت جي ٻي عملي جي نقصانن ۽ رليف بابت آگاهه ڪيو وڃي، اجلاس ۾ صوبائي عملدارن متاثر علائقن ۾ آبادگارن ۾ ربيع جي فصل لاءِ ٻج ورهائڻ جي ميڪنزم کان آگاهه ڪيو. اي?? اي?? آر سي سي صوبن کي پنجاهه سيڪڙو سبسڊي شيئرنگ بابت سمري جلد منظور ڪرڻ جي هدايت ڏني.