اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) هوائي فوج جون س??ڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن ??اء?? امدادي ڪارروايون ۽ رليف آپريشن جاري آهي. ايئر هيڊ ڪوارٽرز، اسلام آباد ۾ ڪيل نيشنل آءِ ايس آر اين?? انٽيگريٽڊ ايئر آپريشنز سينٽر (اين آءِ آءِ اي او سي) سمورن ڌُرين سا?? مڪمل هم آهنگيءَ سا?? گڏوگڏ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحاليءَ جي عمل ۾ معاونت ڪري رهيو آهي. ڄاڻايل سينٽر متاثرن جي بحاليءَ ??اء?? سول انتظاميه کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيو آهي. هوائي فوج جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ڄاڻايل علائقن ۾ متاثر ماڻهن کي امدادي ڪمن ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن. پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن جي بحا??ي ۽ امداد جي فراهميءَ ??اء?? ”پاڪستان ايئرفورس فلڊ رليف فنڊ“ به قائم ڪيو آهي. ٻوڏ متاثرن ??اء?? عطيا الائيڊ بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK85ABPA0010099183680023، عسڪري بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK96ASCM0003851650000097، بئنڪ اسلامي جي اڪائونٽ نمبر K38BKIP0310000096360001، جڏهن ته حبيب بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK09HABB0022997001211801 ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.