اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي ??يڊيا سيمينار کي منافقت قرار ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا دشمن ڪهڙي منهن سان ميڊيا سيمينار ڪرائي رهيو آهي، ان کي شرم اچڻ گهرجي، عمران خان ميڊيا جو معاشي قتل ڪرڻ وارو ڏوهاري آهي، سي پي اين اي، انٽرنيشنل ميڊيا واچ ۽ رپ??رٽ??ز ود آئوٽ بارڊرز جي رپ??رٽ?? عمران خان جي ??يڊيا دشمني جي گواهي آهن. پنهنجي ??ڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جو دور ميڊيا جي ??اءِ ڪارو ترين دور هو، عمران خان وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويهي ميڊيا دشمني ڪئي، هو ڪوڙ??، ڪرپٽ، فارن ايجنٽ، ميڊيا دشمن ۽ منافق آهي، ميڊيا کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ميڊيا جي خلاف نيب کي استعمال ڪرڻ واري جي سيمينار ۾ وڃڻو آهي يا نه. هن چيو ته ميڊيا کي فيصلو ڪرڻو پو??دو ته پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جي باني جي ??يڊيا سيمينار ۾ وڃڻو آهي يا نه. هن چيو ته چار سال ميڊيا جو قتل ڪرڻ وارو ميڊيا سيمينار ڪرڻ جو تماشو نه ڪري. عمران خان ميڊيا کي ڪمزور ڪرڻ جي ??اءِ مير شڪيل الرحمان جي خلاف نيب گردي ڪئي. هن چيو ته پي ايف يو جي، سي پي اين اي ۽ پي بي اي کي فيصلو ڪرڻو پو??دو ته ميڊيا کي ڪمزور ڪرڻ واري جي سيمينار ۾ وڃڻو آهي يا نه. هن چيو ته ميڊيا کي فيصلو ڪرڻو پو??دو ته صحافت جو قتل، صحافين کي گوليون هڻندڙ، ميڊيا جي زبان بندي ڪرڻ واري ميڊيا سيمينار ۾ وڃڻو آهي ته يا نه. هن چيو ته ميڊيا کي فيصلو ڪرڻو پو??دو ته جنهن کي عالمي ادارن ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو آهي، ان جي سيمينار ۾ وڃڻو آهي ته يا نه. هن چيو ته ميڊيا کي فيصلو ڪرڻو پو??دو ته انهن جي آزادي ۽ نوڪري کسڻ واري جي سيمينار جي تماشي کي مڃڻو آهي يا نه. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سي پي اين اي جي 2020ع، انٽرنيشنل ميڊيا واچ ۽ رپ??رٽ??ز ود آئوٽ بارڊرز (آر ايس ايف 2021ع) جي رپ??رٽ?? عمران خان جي ??يڊيا دشمني جي گواهي آهن. عمران خان چار سال وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويهي ميڊيا دشمني ڪندو رهيو، انٽرنيشنل ميڊيا واچ عمران خان کي فاشسٽ قرار ڏنو آهي، عمران خان چار سالن ۾ صحافين جون پسليون ٽوڙيون، انهن کي اغوا ڪيو، ميڊيا جي آزادي کي ڪچليو، پارليامينٽ کي تالا لڳرايا، عمران خان ميڊيا کي نيب جي ذريعي ڪنٽرول ڪيو ۽ ميڊيا ورڪرز کي بيروزگار ڪيو. هن چيو ته ميديا کي فيصلو ڪرڻو پو??دو ته صحافين کان قلم کسڻ واري، اسڪرين تان غائب ڪرڻ واري، نوڪري کسڻ واري جي سيمينار ۾ وڃڻو آهي يا نه.