اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ??فد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شاگردن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستان جي ترقي جي ??اءِ پنهنجي ??يزن بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم سان ملڪي معيشت، آءِ ايم ايف، زراعت، صنعت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن جي حوالي سان سوال پڇيا. وزيراعظم وفد جي ڪشمير، پاڪستان جي خطي ۾ پائيدار امن ۾ ڪردار ۽ پاڪ چين لاڳاپن جي حوالي سان سوالن جا جواب ڏنا. وفد حڪومت ۽ پاڪستانين جي ??همان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، مريم اورنگزيب، خاص معاونين احد چيما، سيد فهد حسين، جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.