اسلام آباد ??? 11 – آگسٽ (اي پي پي) هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جي سلسلي ۾ يونيورسٽي مضمون نويسي جي مقابلن جو اهتمام ڪيو ويو آهي. اهي ??قابلا پلاننگ ڪميشن واري وزارت جي تعاون سان ڪرايا پيا وڃن. ايڇ اي سي عملدارن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ سڀني يونيورسٽين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، مضمون نويسي جا اهي ??قابلا اردو ۽ انگريزي زبان ۾ ٿيندا جنهن جي لاءِ عنوان پاڪستان جي ترقي جو سفر (1947ع کان 2022ع) تا??ين ترقي پذير ملڪن جو تقابلي جائزو ۽ 2047ع جو پاڪستان ن??ين نسل جي امنگ رکيو ويو آهي. مقابلي جي لاءِ پهريون انعام 5 لک رپيا، ٻيو 3 لک رپيا، ٽيون 2 لک رپيا ۽ چوٿون انعام هڪ لک رپيا رکيو ويو آهي. مضمون 2500 کان 3000 هزار لفظن تا??ين آسان زبان ۾ هجڻ گهرجي.