پشاور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وقتي گورنر مشتاق احمد غني چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جا??ي پيغام ۾ ڪيو. مشتاق احمد غني چيو ته پاڪستاني قوم سدائين ??ان??ر مظلوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جا??ي رکندو. والاريل ڪشمير جي صورتحال عالمي انساني حقن جي ادارن جي لاءِ هڪ ڏکي?? امتحان ۽ فڪر جو لمحو آهي، عالمي برادري ڀارت جي غاصباڻي قبضي مان ڪشميري عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاء?? پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪري.