اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پشاور ۾ سک برا??ري سان تعلق رکندڙ ٻن پاڪستانين جي قتل جي سخت مذمت ڪندي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير صوبي ۾ شهرين خاص طور تي غيرمسلمان پاڪستانين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي، رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي قاتلن کي ??لد گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته ان دهشتگردي جي پٺيان پاڪستان دشمني آهي، اهڙن دشمنن کي ??تم صفحه هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. وزيرا??ظم شهباز شريف رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته متاثر ??ان??انن کي يقين ڏياريون ٿا ته قاتلن جي گرفتاري ۾ وفاقي حڪومت مڪمل تعاون ڪندي.