اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئُون موسم خراب هجڻ جي ڪري ڪرم ۾ پاڪستان تحريڪ انص??ف جي ٿيندڙ جلسي ۾ شريڪ نه ٿي س??هيس، آئُون جلد موق??و ملڻ تي ڪرم جو دورو ڪندس. ڪرم ۾ عام جلسي ۾ موسم جي خرابي سبب دورو ملتوي ڪرڻ کانپوءِ جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون ڪرم جي ماڻهن کان معذرت چاهيان ٿو، آئُون هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿي چڪو هئس پر اسان جي پائليٽ ٻڌايو ته موسم اهڙي آهي جو هيلي ڪاپٽر اتي وڃي نٿو سگهي، جابلو علائقو آهي ۽ تيز هوا به هلي رهي آهي، ان لاءِ هيلي ڪاپٽر نٿو وڃي س??هي، ان لاءِ آئون توهان کان معذرت خواه آهيان ته آئون جلسي ۾ شريڪ نه ٿي س??هيس پر آئون توهان ک?? چوڻ چاهيان ٿو ته توهان ک?? بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻي آهي، مون ک?? جڏهن به موق??و مليو ته آئون توهان وٽ ايندس ۽ توهان سان ڳالهيون ڪندس.