اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان انشاءُ الله بي اعتمادي رٿ جو ??مي مقابلو ڪنداسين ۽ مخالف ڌر کي شڪست ڏينداسين. پريس ڪا??فرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي بلاول کي گذارش آهي ته قومي ۽ آئيني ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ مناسب نه آهي، اسان انشاءُ الله بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪنداسين ۽ کين شڪست ڏينداسين. هن چيو ته بلاول آرٽيڪل 6 جو ذڪر ڪندو آهي، آئين سڀني لاءِ مقدس آهي. پرڏيهي وزير بلاول کان پڇيو ته جڏهن توهان ۽ توهان جو والد نوٽن جا ٿيلها کڻي ميمبر?? جي درن تي وڃي چئي رهيا آهيو ته پنهنجيون وفادارايون تبديل ڪريو ته ڇا اهو حلف کان منهن موڙڻ ناهي؟ آئي?? جي روح کي توهان ۽ توهان جو والد متاثر ڪري رهيا آهيو، انهن غير آئيني حربن کان پاسو ڪريو. شاهه محمود قريشي چيو ته اهو نه وساريو ته اهڙا ماڻهو به آهن جنهن اسان کي اچي ٻڌايو آهي ته توهان انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، سياسي ڪارڪ?? جي حيثيت سان مون ۽ منهنجي پارٽي کي پنهنجي اتحادين تي مڪمل اعتماد آهي، اهي ڏاها ماڻهو آهن ۽ هر مشڪل وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ اهي مخالف ڌر جي سمورين چالن کي سمجهن ٿا. اهي سب تجربيڪار سياستدان آهن ۽ ڪنهن لالچ ۾ نه ايندا. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي باشعور عوام سمجهي ٿي ته انه?? جي ”ان هولي الائنس“ جو انتظام تمام جلد وکري ويندو ڇو ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جو ??و هڪ نظريو ۽ هڪ سوچ نه آهي. پرڏيهي وزير سوال ڪيو ته ڇا بلاول پيپلزپارٽي جي آئيڊيالوجي کي مولانا جي آئيڊيالوجي ۾ ضم ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇو ته ن ليگ جي پنهنجي سوچ آهي جيڪڏهن توهان جو خيال آهي ته مريم نواز مستقبل جي ليڊر توهان کي سمجهي ٿي ته اها توها?? جي غط فهمي آهي، توهان جو نه نظريو، نه قيادت ۽ نه ئي منشور هڪ آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جو هر شعور رکندڙ شهري سمجهي چڪو آهي ته ان ”ان هولي الائنس“ جو مقصد عمران خان کي هٽائڻ آهي. ماڻهو ان ڳالهه جي تهه تائين پهچي چڪا آهن ته توهان عمران خان کان ڊنل ڇو آهيو؟ پرڏيهي وزير چيو ته ڇا ان بي يقيني جي ڪيفيت سان پاڪ??تا?? جي معيشت کي فائدو پهچي رهيو آهي؟ ڇا ان بي يقيني جي ڪيفيت سان توهان افغان??تا?? جي ماڻه?? جي خدمت ڪري رهيا آهيو، توهان دنيا کي ڪنفوزڊ سنگل ڇو ڏيڻ چاهيو ٿا؟ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته کين جلد سخت مايوسي ٿيندي. اسان کي او آءِ سي جي اجلاس جي اهميت جو پتو آهي، انشاءُ الله 22 ۽ 23 مارچ تي او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. هن چيو ته اڄ وڏيون وڏيون آڇون ڪيون پيون وڃن، ڇا جن کي آڇون ڪيون پيون وڃن اهي توها?? جي ماضي کان غافل آهن؟ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته انشاءُ الله اهي ناڪام ٿيندا. اهي ٽيهه، 30 هزار روپيا ڏئي ماڻهن کي سنڌ مان آندو، ڇا کڻي آي?? ۽ ??ا ڏئي ويا؟