اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان هائوسنگ وا??ي وفاقي وزير چوڌري طارق بشير چيما ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي ملڪ ۾ وچولي ۽ گهٽ آمدني وا??ي طبقي جي لاءِ گهٽ لاڳت جي گهرن جي تعمير جي منصوبي جي اڳڀرائي تي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ماڻهن کي گهرن جي باعزت فراهمي کي ي??يني بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ لاڳاپيل ادارن کي ان مقصد کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.