ماسڪو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م عم??ان خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهچي ويو. وزي??اع??م عم??ان خان جو ايئرپورٽ تي اچڻ تي روس جي نائب پ??ڏي??ي وزير ايگور مور گولٽو استقبال ڪيو. وزي??اع??م عم??ان خان کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عم??، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني وزي??اع??م سان گڏ آهن. روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي وزي??اع??م عم??ان خان روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. وزي??اع??م عم??ان خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پهريون پاڪستاني وزي??اع??م آهي جيڪو روس جو دورو ڪري رهيو آهي. روس جي صدر پيوٽن ۽ وزي??اع??م جي ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزي??اع??م عم??ان خان عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي توانائي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ آندي ويندي. وزي??اع??م ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزي??اع??م عم??ان خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزي??اع??م، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري ملاقات ڪندا. وزي??اع??م جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.