اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اقتصادي رابطا ڪميٽي ( اي سي سي) چين کا?? ڏيڍ لک ٽن ڀاڻ درآمد ڪر?? جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، 50 هزار ٽن ڀاڻ جو پهريون جهاز 10 فيبروري تي پهچندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته اي سي سي چين کا?? ڏيڍ لک ٽن ڀاڻ درآمد ڪر?? جي منظوري ڏني آهي. 50 هزار ٽن ڀاڻ جو پهريون جهاز 10 فيبروري تي پهچندو. جنوري کا?? 6 لک ٽن مقامي ڀاڻ به مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويندو. عالمي منڊي ۾ تمام گهڻي قيمت جي باوجود اسان جي آبادگارن کي ڀا?? جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوندو.