اشڪ آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي اشڪ آباد ترڪمانستان پهچي ويو، ترڪمانستان جي ڊپٽي ??زيراعظم چيري امانوف صدر جو اشڪ آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي استق??ال ڪيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اشڪ آباد اچڻ تي صدر کي گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو ويو. صدر پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي 15 هين سمٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. صدر ٻين ملڪن جي سر??راهن سان ملاقات پڻ ڪندو.