ملتان – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي حيات طيبه جي پيروي ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضامن آهي، عوام جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي تقريبن ۾ مذهبي جوش ?? جذبي سان حصو وٺي رهي آهي،
هن چيو ته ڪجهه قوتون پاڪستا?? ۾ ??فراتفري ۽ انتشار چاهين ٿيون پر انهن جا ارادا پورا نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتا?? ۾ ??يد ميلاد النبي ﷺ جي جلوس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ان مبارڪ ڏينه?? ۾ ??لله تعاليٰ کان دعا ڪريان ٿو ته هو پاڪستان کي اندروني ۽ ٻاهرين خ??رن کان محفوظ رکي.
شاهه محمود قريشي چيو ته عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي سڄي ملڪ مان شهري نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو ڀر??ور اظهار ڪري رهيا آهن، هن چيو ته دعاڳو آهيان ته رب العالمين انهن جي عقيدت کي قبول فرمائي ۽ دعاڳو آهيان ته الله پاڪ پاڪستان کي خوشحالي، ترقي ۽ استحڪام ??صي?? فرمائي.