اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ امن نه رڳو طالبان پر پوري خطي جي مف??د ۾ آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ ت??جڪ صدر امام علي رحمانوف طالبان ۽ تاجڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، تاجڪستان جي صدر کي سڄي دنيا ۾ تاجڪ احترام ۽ قدر جي نگاهه ??ان ڏسن ٿا، نئين افغان حڪومت ۾ تاجڪن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته تاجڪستان جي صدر وزيراعظم عمران خان سان ملاقات دوران ٻنهي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. طالبان سان ڳالهين جو اعلان تاريخي قدم آهي. هن چيو ته طالبان جي ل??ءِ انهن گروپن کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ آسان نه آهي جيڪي انهن سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وڙهي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افعانستان جي مسئلن جو پائيدار حل ڳولڻ جي ل??ءِ انهن ٻنهي ڌڙن کي گڏ ملائڻ ضروري آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي ل??ءِ سماجي ۽ اقتصادي بحالي اهم عنصر آهي، تاجڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم عمران خان خطي خا?? طور تي افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.