اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي، پرامن ۽ مضبوط افغانستان جي لاءِ پاڪستان ڀرپور حمايت ڪندو، افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ افغان اڳواڻن تي وڏي ??مي??اري لاڳو ٿئي ٿي. هو افغانستان سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻن سان ڳالهائي ره??و هو جن ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. سياسي اڳواڻن جي وفد جي آجيان ڪندي وز??راعظم عمران خان دين، تاريخ، جاگرافيائي، ثقافت ۽ رشتيداري جي مضبوط رابطن جي ذريعي پاڪستان جي عوام پاران ڀائر افغان عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وز??راعظم چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي. وز??راعظم چيو ته موجوده صورتحال ۾ افغان اڳواڻن تي وڏي ??مي??اري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي افغانستان کي پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ تعميري طور تي گڏجي ڪم ڪن. وز??راعظم افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل جي لاءِ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي وز??راعظم عمران خان خاطري ڪرائي ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪندو. وفد جي ميمبرن وز??راعظم جا ٿورا مڃيا ۽ امن ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. هنن چيو ته افغانستان جو معاشرو گهڻ نسلي نوعيت جو آهي ۽ اتي ٺوس نظم ۽ ضبط جي ضرورت آهي. افغان وفد پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي پڻ ورجايو.