اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان عر??ق سان پنهن??ي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل امنگون رکندڙ آهن، پاڪستان ۽ عر??ق کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ??ي لاءِ واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان جي دوري تي آيل عر??ق جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان عر??ق جي خودمختياري، سياسي اتحاد ۽ علائقائي سلامتي جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان عر??ق جي نئين سر تعمير ۾ هنرمند ۽ تربيت يافته ورڪ فورس سان گڏوگڏ ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي فراهمي ۾ پڻ مدد ڪري سگهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ عر??ق جي وچ ۾ دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي گڏيل فائدي ??ي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن عر??قي پرڏيهي وزير کي چيو ته هو پاڪستاني زائرين کي ويزا ڏيڻ ۽ عر??ق ۾ مقدس جاين جي دوري دوران سهولت فراهم ڪرڻ ??ي لاءِ ڪردار ادا ڪري. صدر عر??قي پرڏيهي وزير کي اهو به ٻڌايو ته ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي ڀارت پاران بدترين ڏاڍ ۽ دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته اها ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي ۽ ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏياري. ان موقعي تي عر??قي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين چيو ته عر???? پاڪستان کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، ثقافت ۽ دفاع ۾ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن صدر کي آگاهه ڪيو ته هن اسلام آباد ۾ عر??قي سفارتخاني کي هدايت ڪئي آهي ته هو زائرين کي ويزا ۽ سفر ۾ سهولت فراهم ڪري. هن عر??قي سفارتڪارن کي تربيت ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا ۽ عر??قي قيادت پاران پاڪستان جي عوام ۽ قيادت ??ي لاءِ نيڪ خوا??شن جو اظهار ڪيو.