اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي مذم?? ڪئي آهي. هڪ بيان ۾ هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي امن جي لاءِ ڏنل قربانيون رائيگان نه وينديون، اه??ي قسم جي بزدلاڻي تخريبي ??اررواين سان ملڪ ۽ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، دهشتگرد پوري انسان??ت جا دشمن آهن، ملڪ دشمن ع??صرن کي بلوچستان ۾ قربانين سان مليل امن سبوتاز ڪرڻ نه ڏينداسين.