اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ڊليوري يونٽ کي 32 وفاقي ادارن جي عوامي ڪچهرين جي پهرين ٽه ماهي رپورٽ ملي وئي آهي. وزيراعظم ڊليوري يونٽ مان جاري بيان موجب ??زيراعظم جي هدايت تي 32 وفاقي ادارن 955 ڪچهريون منعقد ڪرايون، رپورٽ ۾ تعليم واري وزارت، مو??صلات جي ذيلي ادارن، موٽر وي پوليس، اين ايڇ اي، نادرا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو آهي جڏهن ته خراب ڪارڪردگي تي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن، ريلوي آفيسرن کي ڪارڪردگي بهت?? ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم ڊليوري يونٽ موجب ??فاقي ادارن جي ڪچهرين ۾ 6911 شڪايتن مان 4842 کي حل ڪيو ويو، ڪيترين ئي عوامي شڪايتن کي لاڳاپيل آفيسرن ۽ ادارن کي حل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، وفاقي ادارن بابت عوامي آگاهي بابت 10060 ماڻهن جي سوالن تي رهنمائي ڪئي وئي. عوامي ڪچهريون فيس بڪ لائيو ۽ سڌو سنئون ٽيليفون ڪالز تي ڪيون ويون، ادارن جي سربراهن عوامي ڪچهرين جو انعقاد ڪيو.