اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي کي ازبڪستان، ڪيوبا، ويٽنام، بلغاريه ۽ ارجنٽينا جي نامزد سفيرن سندون پيش ڪري ڇڏيون. ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ خصوصي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ نامزدس فيرن صدر کي پنهنجون ??ندون پيش ڪيون. ان کانپوءِ هنن ڌار ڌار صدر سان ملاقاتون ??ه ڪيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ع??رف علوي چيو ته واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ سمورن دو??ت ملڪن سان تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، گڏيل فائدن لاءِ سياسي معاشي ۽ ثقافتي سطح تي دو??ت ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏنو وڃي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان سياسي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪستان دنيا کي درپيش مختلف چلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ دو??ت ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن نامزد سفيرن کي ملڪ جي اقتصادي صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پاڪستاني معيشت ڪورونا جي باوجود بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وڏا موقعا موجود آهن، دنيا پاڪستاني معڪيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪاروبار دو??ت ماحول مان فائدو کڻي.