اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين نه رڳو سفارتي طور تي هڪٻئي جي ويجهو آهن پر اسان جا لاڳاپا سياسي ۽ معاشي رخن کان تمام گهڻا اڳتي آهن، 1950ع ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان اسان جي لاڳاپن جو ??غاز ٿيو هو، 1966ع ۾ اهي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ تبديل ٿيا جڏهن ته 1972ع ۾ معاشي لاڳاپن ۾ بدليا، هاڻي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن جو ??نتهائي ج??مع فريم ورڪ موجود آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه تي پنهنجي هڪ ??يان ۾ ڪيو، وفاقي وزير چيو ته اسان کي هڪٻئي سان محبت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن تي فخر آهي جنهن جون پاڙون عوام ۾ آهن.