اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان لاءِ ڪ??يتي ويزا جلد کُلڻ وڃي رهيو آهي، نواز شريف جو پاسپورٽ شارٽ نوٽيس تي تيار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، نواز شريف ان پاسپورٽ تي صرف پاڪستان اچي سگهندو، پي ڊي ايم مارچ ملتوي ڪري ??ٺو فيصلو ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته مان قطر ويو هئس جتي انهن سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پاڪستاني قوم لاءِ خوشخبري ??هي جو پاڪستانين لاءِ 2011ع کان ڪويت ويزا بند هئا جيڪي هاڻ جلد کوليا ويندا.