اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هي هڪ ٻئي تي تنقيد جو نه پر گڏجي ويهي ملڪ مان ڪورونا وائرس کي ختم ڪرڻ ۽ مستحقين تائين امداد جي فراهمي لاءِ موثر حڪم?? عملي اختيار ڪرڻ جو وقت آهي، وزير??عظ?? عمران خان ڪورونا وائرس جي صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيو آهي ۽ 13 اپريل تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ صوبن جي مشاورت سان اڳتي جي حڪم?? عملي بابت فيصلا ڪيا ويندا. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته و??ير??عظ?? عمران خان روزاني جي بنياد تي لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته متوازن فيصلا ڪيا وڃن ته جيئن وبا مان به ڇوٽڪارو ملي سگهي ۽ ملڪ جا پيڙهيل ماڻهو به متاثر نه ٿين، ڪورونا سان گڏوگڏ مستحقين جي مدد بابت به فيصلا ڪرڻا آهن.