اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد ??ادق سنجراڻي ڪرونا وائرس جي عالمي وبا کان متاثر ملڪن جي اڳواڻن ۽ حڪومتي سربراهن کي خط لکيا آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ڪرونا وائرس جي ڪري ٿيندڙ فوتگين تي پاڪست??ن جي پارليامينٽ ۽ عوام پاران گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪرونا وائرس هڪ غيرمعمولي عالمي چئلنج آهي، جنهن کان هر شخص متاثر ٿيو آهي. سينيٽ چيئرمين پاران لکيل خطن جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ان بحران س??ن جتي تباهي ٿي آهي اتي عالمي دنيا کي ??تح?? ٿيڻ جو هڪ منفرد موقعو مليو آهي. سينيٽ جي چيئرمين ج??من چانسلر، اسپين ۽ اٽلي جي وزيراعظمن کي خط لکيا ۽ پاڪستان پاران هر قسم جي معاونت جي آڇ ڪئي.