اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون آ??ن، فلاحي ڪمن جي حوالي سان دنيا ۾ پاڪستاني قوم نمايان مقام رک?? ٿي، مشڪل چئلينجز جي باوجود ماڻهن جي لاءِ صحت جي سهولتن، پناهگاهن جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن، سرندي وارن کي پڻ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪرڻ گهرجي، حڪومت امير ماڻهن کان ٽيڪس وٺي ضرورتمندن تي خرچ ڪر?? ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن المعراج حبيب ٽرسٽ اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.