اسلام آباد ?? 05 ??گسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري اڪيلا نه آهن، هر پاڪستاني انهن سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو سفير هجڻ جي حيثيت سان ڪيس وڙهي رهيو آهي، آئون اڄ ڪشميرين سان واعدو ڪريان ٿو ته جيستائين انهن جي قيادت جيلن ۾ آهي آئون انهن جي وڪالت ڪندس. استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي وڊيو پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اڄ آئون هڪ ڀي??و ٻيهر آزاد ڪشمير ۽ والاريل ڪشمير سان تعلق رکندڙ سمورن ڪشميرين کي باور ڪرائڻ چاهيان ٿو ته ??وه??ن اڪيلا نه آهيو، هر پاڪستاني ??وه??ن سان گڏ بيٺل آهي اسان کي ??وه??ن جي تڪليفن جو احساس آهي، والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جون خلاف ورزيون ۽ معصوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن کان دنيا بي خبر نه آهي، اڄ د??يا آڏو هندستان جو اصلي چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جي سفير هجڻ جي حيثيت سان ڪيس وڙهي رهيو آهي، آئون اڄ ڪشميرين سان واعدو ڪريان ٿو ته جيستائين انهن جي قيادت جيلن ۾ آهي آئون انهن جي وڪالت ڪندس.