اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري ??لاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته حڪومت مالياتي ڊسپلين کي قائم رکندي سخت انداز ۾ حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪيو ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرائمري ??يلنس مثبت ٿي ويو آهي، معاشري ??ي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ وسيلن جي فراهمي وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، انهي ويزن تحت حڪومت احساس پروگرام جي بجيٽ ۾ ٻ??ڻو اضافو ڪيو، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ٽيڪس آمدني ۾ 17 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪڏهن وبا نه پکڙجي ها ۽ اهڙي طرح ئي معاملا هلن ها ته ٽيڪس آمدني ۾ 27 سيڪڙو اضافي جو امڪان هو، اوڳاڙيون گڏ ڪرڻ ۾ 750 کان وٺي 800 ارب رپين جي خساري کي من??ن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح من??ي ٻُڙي ڏهائي چار سيڪڙو رهي، صنعت جي ترقي به من??ي ٻه ڏهائي چار سيڪڙو آهي، زراعت ٻه ڏهائي ڇهه سيڪڙو، خدمتن جو شعبو من??ي ٽي ڏهائي چار سيڪڙو، ٽرانسپورٽ من??ي ست ڏهائي هڪ سيڪڙو ۽ مينوفيڪچرنگ جي شعبي جي ڪارڪردگي من??ي ٻاويهه ڏهائي نو سيڪڙو رهي، مالي خسارو جي ڊي پي جو چار سيڪڙو رهيو. قومي اقتصادي سروي رپور?? جاري ڪرڻ جي موقعي تي واپار واري ??لاحڪار عبدالرزاق دائود، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ايف بي آر جي چيئرپرسن نوشين جاويد امجد ۽ ناڻي واري ??يڪريٽري نويد ڪامران بلوچ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي اقتصادي بحران ورثي ۾ مليو هو، اقتدار سنڀالڻ وقت روانگي واپار ۾ جمود هو، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا رڳو 9 ارب ڊالر رهجي ويا هئا، حڪومت جي لاءِ معيشت کي هلائڻ مشڪل ٿي ويو هو، پاڪستان تي قرضن جو بار 30000 ارب رپين تائين پهچي ويو. انهن مشڪل حالتن ۾ حڪومت مالياتي نظم ۽ ضبط کي برقرار رکندي مشڪل فيصلا ڪيا، حڪومت روانگي واپار جي فروغ تي ڌيان ڏنو، ان مقصد جي لاءِ روانگي واپار جي شعبي کي مراعتون ??ني??ن ويون.