اسلام آباد – 27 نومبر (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن جي ڪري اڄ ملڪ ۾ معاشي استحڪام آهي، موجوده معاشي استحڪام ۽ اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري جي عمل کي اڳتي وڌائڻو آهي ۽ ڪاروباري طبقي جي لاءِ موزون ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻو آهي ته جيئن معاشي ترقي جو ع??ل تيز ڪري سگهجي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين پاران ملندڙ مٽاسٽا جو ناڻو ملڪي م??يش?? ۾ اهم حيثيت ر??ي ٿو، ان جي سهولتڪاري جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.